ديوان آشڪار

ديوان آشڪار

ديوان آشڪار

ديوان آشڪار (ڪتاب): ديوان آشڪار سنڌ جي نامور صوفي شاعر سچل سرمست جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. سچل سرمست ميرن جي شروعاتي دور جو فارسي گو شاعر هو. ديوان آشڪار جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سچل سرمست کي علم عروض تي چڱي خاصي دسترس هئي. سچل سرمست غزلن جي لوازمن کي چڱي طرح نڀايو آهي. هن ديوان ۾ سمورا غزل رديفن مطابق الف ب وار ترتيب سان رکيل آهن. سندس فارسي ڪلام تشبيهون، استعارا ۽ ڪعنان سان ڀريو پيو آهي. فارسي ديوان ۾ غزل، مستزاد، قطعات ۽ مثنويون شامل آهن. فارسي غزلن ۾ وحدت الوجود تي وڏو بحث ڪيو اٿس، ڪلام ۾ صنانع و بدائع گهڻو استعمال ٿيل آهي. سچل سرمست فارسيءَ ۾ تخلص آشڪار ڪتب آڻيندو هو. سندس اهو ديوان قاضي علي اڪبر درازي مرتب ڪيو ۽ هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر واليءِ رياست خيرپور 1965ع ۾ شايع ڪرايو.


لفظ ديوان آشڪارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو